اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48هين اجلاس جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏين??ي چيو آهي ته پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي چيئرمين طور پاڪستان مسلمان ام?? جي آواز کي عالمي سطح تي مضبوط بڻائڻ لاءِ اتحاد، انصاف، انصاف ۽ ترقي ۾ حصيدارين کي فروغ ڏيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان اجلاس دوران ڪي??رن ئي اهم معاملن تي اتفاق سان ام?? جي اتحاد جي عڪاسي ٿئي ٿي، انهن معاملن ۾ ڪشمير ۽ فلسطين جا تڪرار، افغانستان ۾ انساني بحران، اسلامو فوبيا ۽ مسلمانن جي حالتن تي اڳڀرائي ڪرڻ شامل آهن. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي چيئرمين جي طور تي پاڪستان مسلمان امت جو آواز عالمي سطح تي مضبوط بڻائڻ لاءِ اتحاد، انصاف ۽ ترقي ۾ حصيدارين کي فروغ ڏيندو.