اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) سين??ٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان جاپان جي سفير متسو هيرو واڊا پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سين??ٽ چيئرمين چيو ته ايشيا ۾ هڪ انتهائي اهم ملڪ جي طور تي پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام وڏي اهميت ڏي ٿو. جاپان هڪ م??تحڪم معاشي ملڪ آهي ۽ اسان جاپان جي بهتر معاشي ماڊل جي تقليد ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، سين??ٽ چيئرمين ڪووڊ – 19 کي منهن ڏيڻ لاءِ جاپان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، سين??ٽ چيئرمين ٻطرفي لاڳاپا وڌيڪ م??بوط بڻائڻ لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. سين??ٽ چيئرمين ۽ جاپاني سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو