ماسڪو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو. وزيراعظم عمران خ??ن جو ايئرپورٽ تي اچڻ تي روس جي نائب پرڏيهي وزير ايگور مور گولٽو استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خ??ن کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني وزيراعظم سان گڏ آهن. روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم عمران خ??ن روس جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خ??ن ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي جيڪو روس جو دورو ڪري رهيو آهي. روس جي صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم جي مل??قات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. صدر پيوٽن سان مل??قات ۾ وزيراعظم عمران خ??ن عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. مل??قات ۾ روس پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن خ??ص طور تي توانائي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ آندي ويندي. وزيراعظم ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خ??ن سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري مل??قات ڪندا. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.