اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان چيو آهي ته اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آئي) ??سا?? جي حڪومت تحت ملڪ ۾ ترقي ۽ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم چيو ته او آءِ سي سي آئي ??سا?? جي حڪومت تحت ملڪ ۾ ترقي ۽ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. او آءِ سي سي آئي کي يقين آهي ته سال 2021ع ۾ پاڪستان 10 علائقائي ملڪن مان ڇهن ملڪن کان بهتر آهي. 2019ع ۾ پاڪستان 10 علائقائي ملڪن مان ٽن ملڪن کان بهتر هو. وزيراعظم چيو ته او آءِ سي سي آئي موجب 68 سيڪڙو سيڙپڪارن ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار جي واڌويجهه جي اميد ظاهر ڪئي آهي، 2019ع ۾ اها شرح 27 سيڪڙو هئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار جي لاءِ ماحول ۾ نمايان بهتر?? جي ڏس ۾ اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي موقعن بابت عالمي روڊ شو?? منعقد ڪرڻ چاهي ٿي.