اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ پيشيوراڻي ۽ هنر تي ٻڌل تعليم کي ??روغ ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جيڪي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ڪ??ڻ ۾ مددگار ٿابت ٿيندا. اعليٰ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر چيو ته حڪومت تعليمي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ مستحق شاگ??دن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ 50 هزار وظيفن جو اعلان ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيئرمين حفيظ الحق جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهايئندي صدر چيو ته خصوصي شاگ??دن کي ??نهنجي تعليم جاري رکڻ ۽ کين مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ اسان جي اهم ترجيح آهي، هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻهن جي مدد ۽ حوصلا افزائي لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪم??شن هڪ پاليسي ٺاهي رهي آهي جنهن ۾ معذور شاگ??دن کي ??يوشن ۽ هاسٽل فيس کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. صدر تعليم جي ورچوئل جزو کي ??ڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته اها گهٽ لاڳت ۽ آسان پهچ وارو طريقو آهي. ان وقعي تي پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جي چيئرمين صدر کي ??يشيوراڻي تعليم جي فروغ ۾ فائونڊيسن جي ڪردار جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته پي ايف ايف انهن هوشيار شاگ??دن کي ??ظيفا ۽ بنا وياج جي قرضن جي آڇ ڪئي جنهن ميرٽ تي پروفيشنل ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪئي، پر اهي پنهنجي فيس ادا ڪرڻ جي سگهه نه رکندا هئا، هن چيو ته پي ايف ايف جي مالي تعاون سان 1700 شاگ??دن گريجوئيشن ڪ??ي آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته فائونڊيشن 21 -2020ع ۾ 1900 شاگ??دن جا تعليمي خرچا ادا ڪيا جيڪي ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين پروفيشنل ڪاليجن/يونيورسٽين ۾ تعليم پرائي رهيا هئا، صدر پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ڪوششن ۽ سهڪار کي ساراهيو جيڪا مستحق شاگ??دن جي تعليم جاري رکڻ ۾ مدد ڪري هڪ شاندار ڪم ڪري رهي آهي.