اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت ۾ هندو توا گروپ سمورن مذهبي اقليتن کي بنا فرق جي نشانو بڻائي رهيو آهي، ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي جي انتهاپسنداڻي ايجنڊا جنهن تي مودي حڪومت عمل پيرا آهي، سان خطي جي امن کي حقيقي خطرو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارتيه جنتا پارٽي جي انتهاپسنداڻي نظرين تي عمل پيرا مودي حڪومت ۾ هندو توا گروپ سمورن مذهبي اقليتن کي هروڀرو نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ کين ا??هن ڪارروائين تي سزا کان ڇوٽ حاصل آهي، مودي حڪومت جي انتهاپسنداڻي ايجنڊا اسان جي خطي ۾ امن لاءِ حقيقي خطرو آهي، وزيرا??ظم چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي 20 ڪروڙ مسلمانن جي نسل ڪشي جي حوالي سان ڊسمبر ۾ هڪ انتهاپسند هندو توا ڪانفرنس ۾ ڪيل اپيل تي مودي حڪومت جي مسلسل خاموشي ان سوال کي جنم ڏي ٿي ته ڇا بي جي پي حڪومت ان ا??يل جي حمايت ڪري ٿي؟ وزيرا??ظم چيو ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ان معاملي جو نوٽيس وٺ?? ڪارروائي ڪري.