اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري م??ضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، انهن جو ڪو مستقبل نه آهي ۽ نه ئي حال، جڏهن ڪو سياستدان پنهنجي پيرن تي بيهي سياست نه ٿو ڪري سگهي ته ان کي ا??واهن جو سهارو وٺڻو هوندو آهي، پاڪ فوج جي ترجمان به قياس آرائين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن وفاقي گهرو وزير جي ڪتاب ”لال حويلي کان گڏيل قومن تائين – سياست جا 50 سال“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته مستقبل جا سياستدان ڪي ٻيا آهن، اهو سلسلو زرداري ۽ نواز شريف کانسواءِ ئي اڳتي هلڻو آهي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شيخ ??شي?? احمد اسان جي سياست جو روشن رخ آهي، هن سدائين ملڪي سياست جو روشن رخ اجاگر ڪيو. چوڌري فواد حسين شيخ ??شي?? احمد جي سياسي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شيخ ??شي?? احمد 1977ع ۾ پهرين چونڊ وڙهي، ان وقت ??ان وٺي اڄ تائين هو ملڪي سياست جو محور رهيو آهي. هن چيو ته هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجو سفر شروع ڪندڙ شخص اڄ ملڪ جي ناليواري شخصيت آهي. هن چيو ته شيخ ??شي?? احمد جنهن پوزيشن تي به هجي پاڪستان جي ميڊيا کيس ڏسي ۽ ٻڌي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مستقبل جو تجزيو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سياست جو رخ تعين ڪرڻ ۾ شيخ ??شي?? احمد جو آواز اهميت رکي ٿو، شيخ ??شي?? احمد جي ڪتاب ۾ شيخ ??شي?? احمد پنهنجي سياسي سفر جي ڪهاڻي پيش ڪئي، ڪتاب جي ڪامياب مهورتي تقريب تي کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.