اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئل يونيورسٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي ڏورانهن علائقن خاص طور تي بلوچستان، سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سهولت لاءِ پنهنجي موجودگي وڌائي، ورچوئل يونيورسٽي جي دائري ڪار ۾ اضافي سان ڏورانهن علائقن جا ماڻهو ??ور??ز ۽ اي لرننگ پروگرامن مان لاڀ پرائي سگهندا. م??رڪ??ٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ آن لا??ين تعليم ۽ تربيت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورچوئل يونيورسٽي بابت بريفنگ اجلاس جي ??دا??ت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ورچوئل يونيورسٽي جو ريڪٽر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ملڪ ۾ اي لرنن?? جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. بريفن?? جي دوران ٻڌايو ويو ته ورچوئل يونيورسٽي 2021ع ۾ 55 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي داخلا ڏني جيڪا نمايان ڪاميابي آهي. يونيورسٽي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ م??رڪ??ٽ جي ضرورتن موجب مقامي نوجوانن کي تعليم جي فراهمي لاءِ مقامي ڊگري ڪاليجز، يونيورسٽين ۾ ڪمپيوٽر ليبز قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽي انتظاميه کي عالمي معيار موجب ??ور??ز ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪئي. صدر ملڪ ۾ اي لرنن?? جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.