اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وف??قي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان او آءِ سي ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ پرڏيهي نمائندا اسان جا مهمان آهن، انهن جو خاص خيال رکيو ويندو ته جيئن انهن جي خدمت ۽ سيڪيورٽيءَ ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڪسر نه رهجي وڃي. هن چيو ته ان ڪانفرنس ۾ 57 ملڪن جا نمائندا ۽ـ پرڏيهي وزير شرڪت ??ري رهيا آهن. او آءِ سي ڪانفرنس هن وقت افغانستان جي صورتحال اتي جنم وٺندڙ انساني مسئلن ۽ـ افغانستان کي گهربل امداد ۽ توجهه جي حوالي سان تاريخي ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس ??و سهرو موجوده حڪومت ڏانه?? وڃي ٿو. 40 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ او آءِ سي ڪانفرنس ??و هي قدم وزيراعظم عمران خان ورتو آهي. هن چيو ته ان ڪانفرنس ??وران اسلام آباد ۾ ڇنڇر ۽ سومر تي موڪل هوندي. ڪانفرنس پارليامينٽ ۾ ٿي رهي آهي ان دوران ريڊ زون ۾ ايندڙ ويندڙن جي مشڪلاتن تي عوام کان معذرت خواه آهيون. هن چيو ته هي تمام اهم ڪانفرنس ??هي ان جي سيڪيورٽي جون ذميداريون پاڪ فوج، سول ادارا، ايجنسيز سي ڊي اي ۽ اسلام آباد پوليس ملي ??ري ??ري رهيون آهن.