اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ ديوجي جي 552 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي سڄي دنيا جي سک برادري کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خوشي جي ان موقعي تي اسان پاڪستان ۾ پنهن??ي مقدس مذهبي جاين جو دورو ڪندڙ هزارين سک ياترين جي آجيان ڪريون ٿا. هن سک برادري ??ي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي سلسلي ۾ پنهنجي حڪومت پاران سهول??ن جي مسلسل فراهمي ??ي عزم کي ورجايو.