اسلام آباد – 20 – ??وم??ر (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فضل الرحمان جو پاڪستاني پارلياماني سياست ۾ ڪو ڪردار نه آهي، ??ارليامينٽ بابت اهي ئي ڳالهه ڪرڻ جا مجاز آهن جيڪي پارليامينٽ جو حصو آهن، پي ڊي ايم انهن جو ناڪام ترين پروگرام آهي، تاريخن تي تاريخون انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي، ??ضل الرحمان 3 سالن کان سياسي بيروزگار آهي، ??نهنجي روزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي، جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي اهو صادق ۽ امين قرار ڏنل وزيراعظم عمران خان جي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري ٿو. فضل الرحمان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران خان واحد شخص آهي جنهن کي عالمي سطح سان گڏوگڏ پاڪستان جي اندر به پذيرائي حاصل آهي، سڄي دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي، ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي آڙ ۾ پنهنجو سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، فضل الرحمان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ۾ حصيدار آهي، ??ضل الرحمان حقيقتون ٻڌائڻ کان عاري آهي، 2018ع جي اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ انهن جي دماغي پوزيشن ٺيڪ ناهي ر??ي. ??ن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جي اليڪشن ۾ رڪارڊ ووٽ مليا، 2023ع جي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ان کان ڊبل ووٽ کڻنداسين. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت ۾ اليڪشن جي فارم مان ختم نبوت جو خاتمو ڪرڻ جي تائيد ۽ حمايت ڪندڙ فضل الرحمان آ??ي. ??زيراعظم عمران خان ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، 22 ڪروڙ عوام اسلام جي آڙ ۾ ذاتي مفادن جي سياست ڪندڙن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي.