اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستا?? جاپان سان گڏيل اعتماد ۽ افهام ت??هي?? تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ جاپان جي سفير ڪونينوري متسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير جاپان جي نئين چونڊيل وزيراعظم فوميو ڪيشيدا کي خط لکڻ تي وزيراعظم عمران خا?? جا ٿورا م??يا. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستا?? جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام ت??هي?? جي بنيادن تي قائم آهن. وزيراعظم جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ سگهه ڏيڻ بابت پاڪستان جي عزم کي ورجايو. علائقائي تناظر ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها نئين افغان انتظاميا سان مثبت رابطا رکي، فوري انساني امداد بحال ۽ افغانستان جي منجمند اثاثن جي ريليز سميت اقتصادي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن قومي مفاهمت ۽ هڪ ٺوس سياسي ڍانچي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. جاپاني سفير جاپان سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خا?? جا ٿورا م??يا. سفير جاپاني ۽ ٻين شهرين کي افغانستان مان ڪڍڻ ۾ سهولت ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ م??يا. سفير ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرام تحت پاڪستان ما?? جاپان ۾ افرادي قوت جي برآمد تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيح ٿيل مفاهمت جي ياداشت تي پڻ روشني وڌي.