اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يش?? چيو آهي ته پا??ست??ن قطر سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پا??ست??ن ?? مقرر نار رياست قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ست??ن قطر سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ٿيندڙ ملاقات جو حوالو ڏيندي پا??ست??ن ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. قطري سفير قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يش?? جي دوحه فورم ۾ شرڪت جو دعوتنامو ڏنو. قطر جي سفير پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي پا??ست??ن ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.