اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن جو ڌيان ڇڪرائي سگهجي. حڪومت پاران ڪاروبار ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ شروع ڪيل سڌارن جا نتيجا اچڻ شروع ٿيا آهن ۽ عالمي درجا ب??دي ۾ پاڪستان جو رينڪ 136هين پوزيشن مان بهتر ٿي 108 هين نمبر تي اچي ويو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي هڪ وفد سان ڳالهائي??دي ڪيو. وفد چيمبر جي صدر فدا حسين دشتي جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائي??دي صدر چيو ته حڪومت ڪاروبار ۽ صن??تي شعبن جي سهولت ۽ مضبوطي تي ??يان ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ واپاري برادري ۽ معاشري جي ٻين ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت ملڪ ۾ انٽرپرينيورشپ ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 100 ارب روپيا مختص ڪيا آهن ۽ نوجوانن کي آسان شرطن تي ??اروباري قرض فراهم ڪري رهي آهي. وفد صدرکي قومي معيشت ۾ ڪ??ئيٽا جي ڪاروباري برادري جي ڪردار ۽ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر وفد کي يقين ڏياريو ته انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ڪئي ويندي.