اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته دنيا ۾ هن وقت بياني جي جنگ وڙهي پئي وڃي، نوجوان نسل جو مستقبل ڊجيٽل سان ڳنڍيل آهي، اڳوڻن دورن ۾ رياستي ميڊيا کي پارٽي بياني لاءِ استعمال ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جو ڊجيٽل ميڊيا رياست جي ڊجيٽل ميڊيا کان وڌيڪ مضبوط هو، رياستي ميڊيا ادارا رياست جي بياني کي پيش ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام هئا، وزيراعظم عمران ??ان ميڊيا جي اهميت کي بهتر طريقي سان ??مجهي ٿو، وزيراعظم 2017ع ۾ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته مستقبل ڊجيٽل سان لاڳاپيل آهي، اسان 2018ع ۾ ريفارمز جو آغاز ڪيو، ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام نوجوانن کي ٽ??انسفارمر ڪرڻ جو باعث بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته هو 2016ع کان پاڪستان ??حريڪ انصاف ۾ ڊجيٽل ميڊيا کي ڏسي رهيو هو، پاڪستان ??حريڪ انصاف جو ڊجيٽل ميڊيا رياست جي ڊجيٽل ميڊيا کان وڌيڪ مضبوط هو، گذريل حڪومتن اطلاعات واري وزارت کي پارٽي جو ترجمان ??ڻائي رکيو هو جنهن ۾ رياستي بياني بدران پارٽي جي بياني کي سگهه ڏني وئي. پي ٽي وي، اي پي پي ۽ پي آءِ ڊي تباهي طرف گامزن هئا، هيومن ريسورس جي صورتحال ابتڙ هئي. صرف پي آءِ ڊي ڪراچي ۾ 62 ماڻهن جي اسٽاف مان هڪ ايم اي، ٽي بي اي ۽ باقي سمورو اسٽاف ميٽرڪ تعليم رکندڙ هو، اي پي پي، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي اربين روپين جي بجيٽ آهي پر هو رياست جي بياني کي پيش ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام هئا. هن چيو ته پاڪستان ??حريڪ انصاف جهڙي طريقي سان نظام قائم ڪيو هو، اسان ??ن تي وڃڻ چاهيو ٿي، وزيراعظم عمران ??ان 2017ع ۾ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو ته مستقبل ڊجيٽل سان لاڳاپيل آهي، اسان 2018ع ۾ ريفارمز جو آغاز ڪيو، 2020ع ۾ ڊجيٽل ميڊيا ونگ بڻايو، پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ڪيو، اي پي پي کي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻايو، اڄ ريڊيو پاڪستان ??ي ايپليڪيشن بهترين ايپس ۾ شامل آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي اقتدار ۾ اچڻ کان پهرين اسان ??ي حڪمرانن کي پبلڪ ڊپلوميسي جي اهميت جو خيال نه هو جڏهن ته وزيراعظم عمران ??ان ميڊيا جي اهميت کي بهتر طريقي سان ??مجهندو آهي. صرف هلندڙ هفتي وزيراعظم جي مصروفيتن کي ڏٺو وڃي ته سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ وزيراعظم جو انٽرويو ويو آهي. جيترو وقت وزيراعظم ميڊيا ۾ ڏئي رهيو آهي ايترو شايد ئي ان کان پهرين ڪنهن حڪمران ڏنو هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان وقت 42 جرنلزم اسڪولز ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جا ڪورسز اپ ڊيٽ نه هئا، اطلاعات واري وزارت ۾ جيڪي آفيسر سي ايس ايس ڪري ايندا آهن انهن کي ڊجيٽل ميڊيا جي باري ۾ وڌيڪ معلومات ناهي هوندي، اسان ??نفارميشن اڪيڊمي جا سمورا ڪورسز تبديل ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسان پنهنجي آفيسرن کي ڊجيٽل ميڊيا جي باري ۾ آگاهي فراهم ڪري سگهون. وفاقي وزير چيو ته جڏهن هو 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيو ته ک??س ناڻي واري وزير کي خط لکيو ته ملڪ ۾ ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ جي بجيٽ تقريبن 4 ارب روپيا آهي، اها ايندڙ پنج سالن ۾ 12 ارب روپين تائين پهچي ويندي پر ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ صرف ٽن سالن ۾ وڌي 25 ارب تائين پهچي وئي آهي ۽ اميد آهي ته اها ايندڙ سالن ۾ 35 ارب روپين تائين وڌي ويندي. ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ گهرجي.