اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته افغانستان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو خاتمو ۽ معاشي ٻاڙائي جي روڪٿام لاءِ معاشي قدمن جي ضرورت آهي، اف??ان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. وزيراعظم عم??ان خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم عم??ان خان تاجڪستان جي صدر جا سندس ۽ سندس وفد جي 16 ۽ 17 سيپٽمبر 2021ع جي تازي دوشنبي جي دوري دو??ان شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. ٻنهي ا??وا??ن دوشنبي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي ا??وا??ن ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ويجهي لاڳاپن کي وڌ??ڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عم??ان خان تاجڪستان جي صدر کي افغانستان جي پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن ان ڏس ۾ قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عم??ان خان چيو ته اف??ان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي ضروري انساني معاونت جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن افغانستان ۾ اقتصادي ٻاڙائي ۽ عام ماڻهو کي درپيش مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ فوري اهميت جي معاشي قدمن تي پڻ روشني وڌي. ٻنهي ا??وا??ن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۾ معاونت جي ڪوششن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ ۽ ان ڏس ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.