اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عم??ان خان جي ايماندار قيادت ۾ حڪومت آهستي آهستي عوام سان ڪيل واعدا پوري ڪري رهي آهي، حڪومت ملڪ مان بدعنواني، غربت، بيروزگاري جي خاتمي، غريب ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ سڌارن جي ??اء?? وڙهندي رهندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن اڳوڻي حڪومتن تي تنقيد ڪندي چيو ته ??نهن پنهنجي دورن ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي جي ??اء?? ڪجهه نه ڪيو، خودغرض مخالف ڌر رڳو ڦريل دولت ۽ پنهنجي ذاتي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مخالف ڌر کي اهو سمجهڻ گهرجي ته مستقبل ۾ عوام جي حمايت حاصل ڪرڻ جي ??اء?? انهن جا اهي دير وارا حربا ڪم نه ڪندا. فرخ حبيب سنڌ حڪومت تي پڻ سخت تنقيد ڪندي چيو ته ??نڌ حڪومت ترقي جي نالي تي وفاق کان اربين رپيا وصول ڪرڻ جي باوجود صوبي جي ترقي ??اء?? ڪو ڪم ناهي ڪيو جڏهن ته وفاقي حڪومت صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اء?? پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ مختلف ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي گذريل 13 سالن کان سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي جڏهن ته ??ن بيڊ گورننس، ڪرپشن ۽ ناانصافي جو مظاهرو ڪري صوبي جي ماڻهن جي زندگين کي اجيرن بڻائي ??ڏيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ڪرپٽ بيانيو عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي، تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ??اء?? ٺوس حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.