اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ سندس معاشي ٽيم جي ڪامياب حڪمت عملي جا ثمر سامهون اچڻ لڳا آهن، مالي سال 22 – 2021ع جي شروعات ۾ ئي ٽيڪس اوڳاڙين جي هدف کي عبور ڪرڻ خوش آئنده آهي، (ن) ليگ جي دور ?? ريفنڊ روڪي ايڊوانس ??يڪس وصول ڪري مصنوعي انگ اکر جاري ڪيا ويندا هئا، اسان گذريل مالي سال ۾ 364 ارب جا ريفنڊ ڏنا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ??گس?? 2021ع ۾ 434 ارب جو روينيو گڏ ٿيو جيڪو ٽارگيٽ 349 ارب کان 85 ارب رپيا وڌيڪ آهي، 2020ع گذريل سال ۾ 300 ارب جو ٽيڪس گڏ ٿيو هو. هن چيو ته جولاءِ ۽ ??گس?? 2021ع ۾ 850 ارب جو روينيو گڏ ڪيو ويو، 2020ع جولاءِ ۽ ??گس?? ۾ 603 ارب جو روينيو گڏ ٿيو هو، 22 – 2021ع جي پهرين ٻن مهينن ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 41 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ت?? پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام سميت ٻين قدمن سان ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ٿيو آهي.