اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صح??فتي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ايف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرنلسٽ ايسوسئيشن پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي خلاف مختلف ٽي وي چئنلز تي هلندڙ اشتهار کي رد ڪندي ان هڪطرفي ميڊيا مهم جي خلاف چٽاڀيٽي ڪميشن سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان مختلف صح??فتي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ايف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي عهديدارن ملاقات ڪئي. صح??فتي تنظيمن جي عهديدارن ??يو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي باري ۾ مختلف ٽي وي چئنلز تي اشتهار هلي رهيو آهي جنهن ۾ ??يو پيو وڃي ته سمورين صح??فتي تنظيمن ميڊيا ڊولپمنيٽ اٿارٽي بل کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هنن وا??ح ڪيو ته سمورين صح??فتي تنظيمن ان ڄاڻايل بل کي رد ناهي ڪيو، عهديدارن ??يو ته ماضي ۾ حڪومتون ميڊيا مالڪن کان بليڪ ميل ٿينديون رهيون آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي واحد حڪومت آهي جنهن ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ لاءِ قدم کنيو، ڪجهه تنظيمن کي ميڊيا مالڪن جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، تنهن ڪري ان هڪطرفي اشتهار ۽ ميڊيا مهم جي خلاف چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان سان رجوع ڪنداسين، ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو ته جديد ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج جعلي بياني کي اصل بياني ک??ن ڌار ڪرڻ آهي، موجوده سمورا قانون ڊجيٽل ميڊيا جي انقلاب کان پهرين تيار ٿيا، هاڻي موبائيل فون ئي اسان جي اخبار، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا آهي، هن ??يو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي باري ۾ ميڊيا مالڪن جا ٻه اعتراض آهن ته سوشل ميڊيا ۽ اخبار جي لاءِ ڌار ڌار اٿارٽيز هجڻ گهرجن، ميڊيا مالڪ گارنٽي فراهم ڪن ته سوشل ميڊيا جي خبر اخبار ۾ ۽ اخبار جي خبر سوشل ميڊيا تي شايع نه ٿيندي. اطلاعات واري وزير ??يو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام جي لاءِ اسان پنج ملڪن جي قانونن کي اسٽيڊي ڪيو آهي، ان اٿارٽي ۾ ميڊيا ڪمپلينٽس ڪميشن ۽ ميڊيا ٽربيونل ٻه ادارا هوندا، ان تي حڪومت جو ڪنٽرول نه هجڻ گهرجي، مقررين لاءِ ڌار آزاد ڪميشن قائم ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين ??يو ته اسان ميڊيا ادارن کي 70 ڪروڙ روپين جون ادائيگيون ڪيون آهن پر ان جي باوجود هو پنهنجي ورڪرز کي پگهار ادا نه ڪري رهيا آهن، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير ??يو ته جڏهن 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيو ته ان وقت هن ناڻي واري وزارت کي خط لکيو هو ته ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ان وقت اها 4 ارب روپيا هئي ۽ صرف ٽن سالن ۾ 25 ارب تائين پهچي وئي آهي، هن ??يو ته نيٽ فليڪس ۽ ايمازون پاڪستان مان تقريبن 250 ملين ڊالرز وصول ڪندا آهن، اسان ان پليٽ فارمز تي پاڪستاني مواد شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، وفاقي وزير ??يو ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو ڊجيٽل ميڊيا جي لاءِ فنڊز مختص ڪيا آهن، ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل جي فيڪ نيوز ۽ صح??فتن جي حقن بابت شقن تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو. هن ??يو ته پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي بل جي باقي شقن تي تجويزن جي آجيان ڪنداسين.