اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي بهاولپور پ??چي ويو آهي. وزيراعظم بهاولپور ۾ ڏکڻ پنجاب جي قيادت سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم کي فعال ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ بهاولپور ڊويزن ۾ ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. بعد ۾ وزيراعظم حڪومت جي زراع?? تي خصوصي ڌيان جي ويزن جي تحت ٿيندڙ آبادگار ڪنوينشن ۾ خاص م??ما?? جي حيثيت ۾ شرڪت ??ندو. جتي نه رڳو ڏکڻ پنجاب ۾ پيداوار جي اضافي پر آبادگارن جي مدد جي منصوبن جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب به ڪندو. وزيراعظم ملڪ ۾ وڏي پئماني تي جاري سانوڻي جي مند جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ لال سوهانره نيشنل پارڪ ۾ ٻوٽو لڳائيندو ۽ اتي ٻيلن جي تحفظ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو جائزو به وٺندو .