ڪوئيٽا – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته راندين جي سر??رمين سان صحتمند مقابلي جو رجحان پيد?? ٿيندو آهي، عورت ڪرڪيٽ راندي??رن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿيون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ويمن ٽي – 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ونر ۽ ??نر اپ ٽيمن ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي. گو??نر هائوس ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ بلوچستان جو گو??نر سيد ظهور آغا، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، راندين وارو سيڪريٽري عمران گچڪي به موجود هئا، صدر ٽورنامينٽ کي ويمن ايمپاورمنٽ ۽ ملڪ ۾ صحتمنداڻي سر??رمين جي فروغ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو چوڻ هو ته راندين جي سر??رمين سان صحتمنداڻي مقابلي جو رجحان پيد?? ٿيندو آهي. عورت ڪرڪيٽ راندي??رن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿيون. ويمن ڪرڪيٽرز ملاقات ۾ ڪرڪيٽ ليگ جي انعقاد تي ڪوئيٽا گليڊيئٽرز ۽ حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو.