شيخوپوره – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏا خواب ڏسندڙ ئي وڏا ڪم ڪندو آهي، راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي ذر??عي نئين پاڪستان جو تصور نظر اچي ره??و آهي، ماضي جي حڪمرانن ملڪ کي قرض?? جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي هليا ويا، قرض?? جي واپسي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا جنهن سان مشڪلاتون اچي ره??ون آهن، هو راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي سنگ بنياد رکڻ کي تقريب کي خطاب ڪري ره??و هو. وزيراعظم چيو ته مون کي ان منصوبي ۾ نئين پاڪستان جو تصور نظر اچي ره??و آهي، ان منصوبي ۾ سمورو پئسو نجي شعبي کان ايندو جڏهن ته حڪومت صرف سهولتون فراهم ڪندي، اوورسيز ان منصوبي ۾ سيڙ??ڪا??ي ۾ گهڻي دلچسپي وٺي ره??ا آهن.