اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات ??ابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايتون ڏ??يو?? آهن ته ميڊيا کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جلد مڪمل ڪئي وڃي، ميڊيا کي صنعت جو درجو ملڻ کانپوءِ ٽيڪس رليف سميت هر سطح تي آسا??يو?? ۽ مراعتون ملي سگهنديون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ميڊيا کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي، ڪميٽي ايوان ۾ حذف ٿيل سينيٽر نعمان وزير جي لفظن ج?? خبر شايع ڪرڻ تي جنگ ميڊيا گروپ کي وضاحت پيش ڪرڻ جي لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي، پيمرا کي هدايت ڪئي ته سياسي قيادت جي ڪردار ڪشي ۽ جعل?? خبرن جي حوالي سان هيستائين ڪيل ڪارروائي بابت تفصيلي رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي، سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات ??ابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، پي آءِ او شاهيرا شاهد سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذي??ي ادارن جا عملدار به موجود هئا.