اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽائڻ ۽ ڪڻڪ جي درآمد جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪڻڪ جي اها درآمد نجي شعبي ذريعي ڪئي ويندي، ڪڻڪ جي درآمد تي ل??ڳو ڊيوٽي پڻ مڪمل طور تي ختم ڪئي ويندي، ڪڻڪ ۽ اٽي جي ٻاهرئين ملڪ اس??گلنگ جي روڪٿام کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. اهي فيصلا وزيراعظم ع??ران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجل??س ۾ ڪيا ويا. اجل??س ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اجل??س ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽايون وينديون ۽ چيڪ پوسٽون ختم ڪيون وينديون.