پشاور – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا جي گورنر، وڏي وزير ۽ لاڳاپيل وزيرن کي صوبي جي متاثر علائقن جو پاڻ دورو ڪرڻ ۽ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪندي چيو ??هي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس تي ??ابطو آڻڻ لاءِ سمورن صوبن ??ي ڀرپور مدد ڪري رهي آهي ۽ اهو تعاون جاري رهندو، موجوده صورتحال ۾ حڪومت جو ڌيان وبا تي ??ابطو آڻڻ سان گڏوگڏ ڪمزور ۽ لاچار طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر، مملڪتي وزير شهريار آفريدي، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان ۽ صحت وارو صوبائي وزير موجود هئا. ان موقعي تي ??يبرپختونخوا جي چيف سيڪريٽري ڪورونا وبا جي ڏس ۾ حڪومت جي قدمن تي ??فصيلي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ??ه خيبرپختونخوا صوبي جي 6 ضلعن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا ٻين علائقن ??ي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي وئي آهي.