اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي ڏهاڙي تي باني اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي والاريل ڪشمير جي عوام سان اڻٿڪ حمايت جو اعلان ڪيو آهي جيڪي گذريل 7 مهينن ک??ن وڌيڪ عرصي کان غيرانساني لاڪ ڊائون ۽ مواصلاتي بندش جو شڪار آهن. صدر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته آئون ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته پاڪستان ان??ن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ان??ن جي جائز خودمختياري جي حق لاءِ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.