اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) پاڻ هڪ بيانيي تي گڏ نه آهي، مخالف ڌر جو بيانيو به ورهايل آهي، انهن جو بيانيو نيب کان بچايو ۽ مال لڪايو آهي، ان ل??ءِ پنهنجي ئي پارٽي جا ماڻهو پنهنجي ليڊر جي واپسي جو مطا??بو ڪري رهيا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته تا??يخ ٻڌائي ٿي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي اهي ئي چونڊ نتيجا تسليم ڪيا جنهن ۾ رڳو اهي ڪامياب ٿيا.