اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي لاهور ۾ د?? جي مرض واري اسپتال ۾ وڪيلن جي حملي جي مذمت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته انسانيت جي مسيحا سفيد ڪوٽ پاتل ڊاڪٽرن ۽ ڪارو ڪوٽ پاتل قانون جي رکوالن جي وچ ۾ ٽڪراءُ ڪنهن به طرح ملڪ جي معاشرتي نظام ۾ بهتر عمل نه آهي، وفاق، صوبائي حڪومتون ۽ پي ٽي آءِ وڪيل تنظيمون گڏجي سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلز ۽ وڪيل تنظيمن سان رابطو ڪري اهڙن واقعن جي تدارڪ لاءِ ح??مت عملي جوڙين. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده معاشي، سياسي صورتحال، عوام سان جڙيل مسئلن جي حل لاءِ قدمن ?? حڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو.