اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير اعظم خان سواتي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بنيادي مقصد انسانيت جو احساس ۽ سهولتون ڏ??ڻ آهي، قانونسازي جي ذريعي غريب جي قانوني مدد لاءِ جامع نظام جوڙيو آهي، پي ايم ڊي سي کان ڊاڪٽرز جو مقام متاثر ٿيو، وسل بلور لا جي ذريعي بي نامي جائيدادن جي شناخت ممڪن ٿيندي، ويمن پراپرٽي بل تحت انهن کي وارثت ملندي، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات ب??بت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم نظام بدلائن جو واعدو ڪيو هو، قانون بدلائينداسين ته ماڻهن جا رويا بدلجندا، موثر قانونسازي سان حاضر دور جي گهرجن تي عمل ڪري سگهجي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊي?? سان ڳالهايئندي ڪيو.