اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀني وفاقي وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ل??ءِ طئي ٿيل هدف وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، سيڙپڪارن کي ڪاروبار ڪرڻ ل??ءِ آسانيون فراهم ڪيون وڃن، معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ تيز تر معاشي ترقي ل??ءِ سيڙپڪاري اهم ترين جز آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان جائزي اج??اس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اج??اس ۾ خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزاتن جا سيڪريٽري، نيپرا جو چيئرمين، چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري اج??اس کي انهن سڀني قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، جيڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ل??ءِ کنيا ويا آهن، انهن قدمن ۾ قانون ۾ ترميم، ٽيڪس وصولين جي طريقيڪار ۾ آساني، ٻين کاتن مان اين او سي کي جلد حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، غير ضروري ۽ پراڻي ضابطه ڪار ۾ ترميم شامل آهي.