اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري ??فا??ي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستاني ڄائي آمريڪي پروفيسر مدثر وائين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران تعليم وارو ??فا??ي وزير خالد مقبول صديقي، ايڇ اي سي جو ڊائريڪٽر ڪوالٽي انشورنس ۽ پلانگ ڪميشن جا ميمبر پڻ موجود هئا. پروفيسر مدثر وائين جيڪو ڪيليفورنيا ۾ ڪوالٽي انشورنس جو ماهر ۽ ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪري ره??و آهي آمريڪي بورڊ آف انجينرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي مان مڃيل ڪوالٽي انشورنس جي اصولن تي روشني وڌي. ??فا??ي وزير احسن اقبال پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ماهرن جي ملڪ ۾ ترقي واري ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته اڏام پاڪستان پروگرام تحت اهڙن ماهرن جي علم ۽ تجربي مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته 2023ع ۾ ايڇ اي سي ۽ برٽش ڪونسل جي سهڪار سان پاڪستاني يونيورسٽين کي تيار ڪيو و??و آهي، ڪوالٽي انشورنس فريم ورڪ نه صرف تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ مثالي آهي پر اهو پاڪستاني تعليمي نظام جي ضرورتن کي پڻ پورو ڪري ٿو. احسن اقبال فريم ورڪ تي اثرائتي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڀريو ته ج??ئن اعلي تعليمي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي.