اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن (پي بي اي) ۽ اسٽيٽ بئنڪ طرفان کنيل قدم اهميت رکندڙ آهن ۽ ان سان مالياتي نظام ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ راهه هموار ٿيندي. هن اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن جي چيئرمين سان وروچوئل ميٽنگ ۾ ڪئي. ان موقعي تي ترجيحي شعبن لاءِ مالي معاونت جي حوالي سان اڳڀ??ائ?? جو جائزو ورتو ويو. پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن جي چيئرمين ظفر مسعود، ناڻي واري وزير کي ايسوسيئيشن طرفان جامع ۽ پائيدار مالياتي نظام جي قيام لاءِ مختلف منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن تجويز ڏني ته ??ليڪٽرانڪ ويئر هائوس، ريسيپٽ فنانسنگ، ايس ??يم اِي انڊيڪس، ڪارپوريٽ فارمنگ فنانسنگ، فن ٽيڪ ڪمپنين لاءِ وينچر ڪيپيٽل فنڊ، زرعي ڪوآپريٽوز جي بحالي ۽ مالياتي ڊيٽا ايڪسچينج جي قيام جهڙا منصوبا مالياتي نظام ۾ ڊگهي مُدي واري تبديلي آڻڻ لاءِ اهم ٿي سگهن ٿا. هن پنکن جي فنانسنگ، اليڪٽرڪ وهيڪلز جي فنانسنگ، ٽيوب ويلن جي سولرائزيشن ۽ ايس ??يم ايز فنانسنگ لاءِ مارڪ اپ سبسڊي ۽ فرسٽ لاس ڪوريج جهڙن قدمن جي به تجويز ڏني جيڪي فوري طور اثر وِجهي سگهن ٿا. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ناڻي واري وزير کي پي بي اي جي تجويز ڪيل مختلف منصوبن تي اڳڀ??ائ??ءَ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته پي بي اي طرفان پيش ڪيل ڪجهه تجويزون بلڪل واضح آهن ۽ اسٽيٽ بئنڪ ان جي ع??لدرآمد لاءِ ضروري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن وڌيڪ تجويز ڏني ته ??هڙيءَ طرح جي تجويزن تي ع??لدرآمد لاءِ لاڳاپيل حصيدارن وچ ۾ خاص ڪري ٽيليڪام ۽ پاور ڪمپنين سان مشاورت کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي ته ??يئن زراعت ۽ ايس ??يم ايز شعبن لاءِ ڊيٽا جمع ڪرڻ ۽ اسڪور ڪارڊ تيار ڪرڻ جي بنياد تي پائيدار فنانسنگ لاءِ قدم کڻي سگهجن. ناڻي واري وزير پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي ڪم جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ??هي قدم نه صرف اهم آهن پر ان ذريعي مالياتي نظام ۾ تبديلي آڻڻ جي راهه هموار ٿيندي. هن زور ڀريو ته ??هي قدم جيڪي مختصر وقت ۾ اثر وِجهي سگهن ٿا، انهن تي ترجيحي بنيادن تي ع??ل ڪيو وڃي ۽ انهن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ وقت کي گهٽ ۾ گهٽ ڪيو وڃي ته ??يئن انهن قدمن کي ڊسمبر جي آخر تائين مڪمل ڪري سگهجي ۽ ايندڙ سال جي شروعات تائين ان کي ع??لي طور شروع ڪري سگهجي.