اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي. ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽارٽ اپ سمٽ لاءِ وڊيو پيغام ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته معاشي ترقي کي بهتر ڪرڻ لاءِ اد??رن وچ ۾ رابطا مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته جڏهن مختلف حڪومتي، مالياتي ۽ ڪاروباري اد??را هڪ ٻئي سان موثر انداز ۾ رابطي ۾ هوندا آهن ته ان سان منصوبه بندي ۽ عمل جي رفتار ۾ بهتري اين??ي آهي. ان سان نه رڳو فيصلا جلدي ٿيندا آهن پر وسيلن جو درست ۽ موثر استعمال به ممڪن ٿئي ٿو، جيڪو اقتصادي ترقي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار اد?? ڪري ٿو. هن چيو ته اد??رن وچ ۾ مضبوط رابطو ۽ سهڪار پالي??يو?? لاڳو ڪرڻ، سيڙپڪارن جي سهولت ۽ عوامي ڀلائي جي پروگرامن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ، معيشت جي بهتري لاءِ سڀني کي ڪردار اد?? ڪرڻو پوندو. هن چيو ته شين کي بهتر ڪرڻ لاءِ اد??رن وچ ۾ رابطو مضبوط هجڻ انتهائي ضروري آهي. آءِ ٽي ذريعي ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو. مالياتي شموليت ۾ ٽيڪنالاجي انتهائي اهم ڪردار اد?? ڪندي. محمد اورنگزيب چيو ته گذريل هفتي رياض ۾ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ٿي، رياض ۾ منعقد ڪانفرنس جو ٿيم آرٽيفيشل سپر انٽيليجنس هو. ناڻي واري وزير چيو ته عالمي سطح تي سيڙپ جي فراهمي ۾ فني درست??ي آئي آهي، معيشت ۾ بهتري لاءِ قدم کڻڻ پهرين ترجيح آهي، شيون بهتر ٿي رهيون آهن پر سڀني کي پنهنجو ڪردار اد?? ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت جو ڪم پاليسي فريم ورڪ ۽ ان ۾ تسلسل برقرار رکڻ آهي، نجي شعبن جي ذميواري آهي ته اهي ڪمن کي توسيع ڏين.