اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان روس ??ي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن گڏيل مفاد ۾ واپار، ڪاروبار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چي?? ته پاڪستان ۽ روس ??ي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن، اسڪالرشپ پروگرامن جي ذريعي ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا بي پناهه امڪان آهن. صدر زور ڏيندي چي?? ته پاڪستان ۾ روس پاران سيڙپڪاري ??ڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اشڪ آباد جي دوري دوران صدر ولاديمير پيوٽن س??ن پنهنجي تازي خوشگوار ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪيو. صدر برڪس جو ميمبر بڻجڻ جي لاءِ روس پار??ن پاڪستان جي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. برڪس جو ميمبر بڻجڻ س??ن پاڪستان کي علائقائي ۽ عالمي تعاون ۾ پنهنجو ڪردار وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ڌرين بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، نارٿ سائوٿ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور جي ذريعي علائقائي رابطن، واپاري ??اڳاپن، اقتصادي تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. روس ??ي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو چي?? ته روس پاڪستان س??ن پنهنجي لاڳاپن کي ترجيح ڏي ٿو، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ مفاهمت ??ي يادداشت تي صحيحن سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. معزز مهمان ٻطرفي واپار ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪامياب ميزباني، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل سيٽ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت تي روس ??ا ٿورا مڃيا.