اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته حڪومت ننڍي ڪاروبار جي همٿ افزائي ڪري رهي آ??ي، بزنس فنانسنگ جي طريقيڪار ۾ بهتري آڻڻ تي ڪم جاري آ??ي، آءِ ايم ايف پروگرام کانپوءِ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي ”ايڪسپورٽس ليڊ اڪانومي، ري?? ٽو 100 بلين ڊالر“ جي موضوع تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته انرجي ٽيرف ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ آءِ پي پيز سان ڳالهيون جاري آهن، بجلي چوري ۽ نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڄام ڪمال خان چيو ته ڪجهه ملڪن سان فري ٽريڊ معاهدن تي نظرثاني به ڪري رهيا آهيون، جنهن سان واپار ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته اسان جو هدف وچ ايشيائي ري??ستن تائين مڪمل واپار جي پهچ آهي. هن چيو ته ڪورونا کانپوءِ دن??ا جو ٽيڪنالاجي تي ڀاڙڻ وڌي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وياج جي شرح ۽ پيداواري لاڳت وڌيڪ آهي جنهن سان ڪاروباري ماڻهن کي ڏُکيائيون درپيش آهن، جڏهن ته حڪومت روان??ي واپار وڌائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي بڻائي آهي. هن چيو ته 6 مهينن ۾ مهانگائي ۽ـ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي. عالمي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن. هن چيو ته ماضيءَ ۾ وڌ??ڪ توجهه ٽيڪسٽائل سيڪٽر تي ڏني وئي، موجوده حڪومت فارماسيوٽيڪل روان??ي واپار تي توجهه ڏني آهي. هن چيو ته پاڪستان جو اقتصادي مستقبل روان??ي واپار ۾ نمايان اضافي تي ٻَڌل آهي. روان??ي واپار کي 60 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي بڻائي وئي آهي. ڪووڊ 19 ۽ يوڪرين جنگ عالمي سطح تي پاڪستان جي روان??ي واپار کي متاثر ڪيو. هن چيو ته داخلي، سياسي استحڪام، معاشي پاليسين جي تسلسل کي نقصان پهچايو آ??ي، مالي سال 2024ع ۾ پاڪستان جو روان??ي واپار 30.6 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آ??ي، مالي سال 2029ع تائين روان??ي واپار کي 60 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن.