اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي دعوت تي ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم 2 کان 4 آڪٽوبر تائين پاڪستان ??و سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري بيان موجب ساڻس گڏ وزيرن، نائب وزيرن ۽ سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطح جو وفد پڻ هوندو. وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. بيان موجب ٻئي ڌريون واپار، رابطن، توانائي، زراعت، حلال صنعت، سياحت، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن سميت متنوع شعبن ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي ??اڳ??پن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي وسيع ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، هو علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان ڳنڍيل مضبوط ٻطرفا ??اڳ??پا آهن. هي دورو پاڪستان ملائيشيا ??اڳ??پن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪندو.