اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. صنعت، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي بيلاروس جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. بيلاروس جي زراعت بابت نائب وزير شگوئيڪو ۽ صنعت جي نائب وزير آندري ڪزنيتسوف پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب بيلاروس ٽريڪٽر جو گڏ??ل پلانٽ پاڪستان ۾ قائم ڪندو. ٻنهي ڌُرين پاڪستان ۾ ايف ايم وي ويڪسين جي گڏيل منصوبي ۽ مشينري جي ڊزائين ۾ ??رع?? انجنيئرن جي ??رب??ت ۽ صلاحيت سازيءَ تي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. اعلان موجب بيلاروس پاڪستان ۾ ??رع?? مشينن جي جاچ پڙتال جا مرڪز قائم ڪندو. هن چيو ته صنعت، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. ??رع?? شعبي جي ميڪانائزيشن لاءِ سهڪار گهربل آهي. هن چيو ته پاڪستاني ميون کي بيلاروس جي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي. وٽر??ري ميڊيسن ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بيلاروس جي نائب وزير چيو ته بيلاروس پاڪستان ۾ وٽر??ري ميڊيسن جو پلانٽ لڳائڻ چاهي ٿو.