اسلام آباد-25 سي??ٽمبر (اي پي پي) خوبصورت آواز جي مالڪ ناهيد اختر جي سالگره 26 سي??ٽمبر تي ملهائي ويندي. جڳ مشهور ناليواري گلوڪاره ناهيد اختر 26 سي??ٽمبر 1956 تي ملتان ۾ پيدا ٿي. هن 1970 ۾ پنهنجو پهريون گانو ريڊيو پاڪستان ملتان لاءِ ڳايو جنهن کان پو??ِ هن ڪيترن ئي فلمن ۽ ڊرامن لاءِ اردو ۽ پنجابي ۾ گانا رڪارڊ ڪرايا. 1962 ۾ ??ن گلوڪاري کي ختم ڪري گهريلو زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو. ناهيد اختر کي 2007 ۾ صدارتي ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته 1974 ،1975 ۽ 1985 ۾ نگار ف??م ايوارڊ سميت ٻيا مختلف ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. ناهيد اختر جي سالگره جي موقعي تي شوبز انڊسٽري سميت ٻين فلمي تنظيمن پاران گلوڪاره کي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.