اسلام آباد-10 آڪٽوبر(اي پي پي) چين جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري کان اڳ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. چين جي وزيراعظم جو پاڪستان جو امڪاني دورو تمام گهڻو اهم آهي. دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ نون معاهدن ۽ منصوبن تي صحيحين جو امڪان آهي جيڪي سي پيڪ کي نئين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن وفاقي وزير پروفيسر احسن اق??ال چين جي وزيراعظم جي امڪاني دوري کي نظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائ?? جي حوالي سان منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪئي. ان اجلاس ۾ چين پاڪستان اق??صادي راهداري (سي پيڪ) تحت جا??ي منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ استحڪام تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ سي پيڪ جي مختلف منصوبن جي رفتار جو تفصيلي جائزو وروتو ويو جنهن ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ صنعتي زونز جا ترقياتي ڪم شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته چين سان زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي ته جئين ٻئي ملڪ گڏجي خطي ۾ اق??صادي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ توانائي ۽ بنيادي ڍانچي ج?? منصوبن سان گڏوگڏ صنعتي ترقي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. احسن اق??ال چيو ته ان فيز ۾ خاص اق??صادي زوز کي هٿي وٺرائڻ هڪ اهم هدف آهي جيڪو پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندو.