راولپنڊي-24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير دشمن قوتن ۽ سندن سهولتڪارن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ??اڪ فوج جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي وا??ا جو دؤرو ڪيو، جتي کيس سيڪيورٽيءَ جي موجوده صور??حا??، دهشتگرديءَ جي خاتمي خلاف جاري آپريشنز ۽ ترقياتي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. آفيسرن ۽ فوجين سان ڳالهائيندي آرمي چيف خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ??اڪ فوج جي اعليٰ سطحي تياري ۽ غير معمولي حوصلي جي تعريف ڪئي. آرمي چيف سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو، جن ڊيوٽي دوران پنهنجون جانيون ڏنيون. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص ڪري ڪي پي ڪي پوليس کي انهن جي سگهه وڌائڻ لاءِ ??ست??ل مدد ۽ فني مدد فراهم ??ند?? رهندي. آرمي چيف ڏکڻ وزيرستان انٽيگريٽڊ ڊولپمينٽ پلان تحت امن برقرار رکڻ ۽ مختلف منصوبن کي اڳيان وڌائڻ ۾ ڪي پي ڪي جي عوام جي مُک ڪردار کي ساراهيو. هن ڪي پي ڪي جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ ??نهنجا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ ??اڪ فوج جي عزم تي زور ڀريو. آرمي چيف دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ قبائلي اڳواڻن جي حمايت ۽ پاڪ فوج جي انهن جي پُختي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. وزيرستان آمد تي آرمي چيف شهداء جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. وانا ۾ پشاور جي ڪور ڪمانڊر آرمي چيف جي شاندار آجيان ڪئي.