اسل??م آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف اتر ۽ ڏکڻ وز??رستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي بهادر جوانن جي جرئت ۽ بهادري جي ڪري ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شهباز شريف چيو ته خوارج جو پاڪ زمين تان مڪمل خ??تم?? اسان جي اولين ترجيح آهي. وز??راعظم ڏکڻ وز??رستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ سگهه جي دعا ڪئي. وز??راعظم چيو ته اسان جي جوانن جو?? قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خ??تم?? تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.