راولپنڊي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪيپٽن احمد ??در شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي والد ڪرنل ??ٽا??رڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن سان ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ڪيپٽن احمد ??در شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. گهرڀاتين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪيپٽن احمد ??در شهيد اسان جو فخر آهي، قوم سندس قرباني ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان ناهن وينديون. وفاقي وزير چيو ته شهيد جو والد هڪ عظيم ۽ باهمت پيءُ هجڻ جو ثبوت ڏنو، پنهنجي پٽ جي شهادت تي جنهن جذبي جو اظهار ڪيو، پوري قوم کي ان تي فخر آهي. ملڪ جي لاءِ اهڙو جذبو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو. هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي گهرن ۾ محفوظ آهيون ته اهو احمد ??در شهيد جهڙن شهيدن جي قربانين جي ڪري آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ۽ پاڪ فوج خوارجي فتني جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، خوارجي فتني کي پاڙ ک??ن پٽي اڇلائينداسين. هن چيو ته 27 رمضان المبارڪ تي هن ملڪ جو وجود ۾ اچڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته هي ملڪ پاڪستان قيامت تائين قائم رهندو. هن چيو ته تاريخ ۾ اسلام جي نالي تي ٻه هجرتون ٿيون، هڪ هجرت مدينه ۽ هڪ هجرت 1947ع ۾ پاڪستان جي لاءِ ٿي، هي ملڪ عظيم قربانين سان حاصل ٿيو. هن چيو ته شهيدن جو اسان تي قرض آهي، الله تعاليٰ ڪيپٽن احمد ??در شهيد جي طفيل اسان کي به توفيق ڏي ته اسان هن ملڪ جي خدمت ڪري سگهون. شهيد احمد ??در جي والدين کي سلام پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي ڪيپٽن احمد ??در شهيد جي والد ڪرنل ??ٽا??رڊ بدرالدين ڳالهائيندي چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون هڪ شهيد جو والد آهيان، جنهن دليريءَ ۽ جرئت سان منهنجي پٽ شهادت کي ڳلي لڳايو ان سان منهنجو ڳاٽ فخر سان بلند ٿي ويو. هن چيو ته شهادت کان اڳ منهنجي پٽ کي ان جي ساٿي چيو ته دشمن بلڪل سامهون آهي، پٺتي هٽي وڃو، پٽ چيو ته جيڪڏهن آئون پٺتي هٽي ويس ته قوم ۽ فوج کي ڪهڙو جواب ڏيندس. هن چيو ته پوري قوم منهنجي پٽ جي شهادت تي جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي پوري ملڪ جو دل سان ٿورائتو آهيان. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪالهه جمعي ڏينهن راولپنڊي ۾ موجود ڪيپٽن احمد ??در شهيد جي گهر پهتو ته ڪيپٽن احمد ??در شهيد جي والد ڪرنل ??ٽا??رڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي گلي لڳايو ۽ شهيد ڪيپٽن احمد ??در کي خراج عقيدت پيش ڪيو.