اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان گڏيل قومن جي ??فغانستان بابت خاص نمائندي اندريڪا توتي جي ??ڳواڻيءَ ۾ وفد ڪالهه گهرو وزارت ۾ ملاقات ڪئي. اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏيل قومن جو ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ، فدي ايل ۽ افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن جو سربراهه مالڪ سيسي به شامل هو. وفاقي وزير گهرو وزارت پهچڻ تي گڏيل قومن جي وفد جي ??جيان ڪئي. افغانستان بابت گڏيل قومن جي ??اص نمائندي بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي ??ازن واقعن جي ڀرپور مذمت ڪئي. وفاقي وزير وفد سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمگير مسئلو آهي ۽ پاڪستان دهشتگرديءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ شهرين جي قربانين جو مثال نٿو ملي. گهرو وزير پاڪستان ۾ ٿيل حملن ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي ملوث هئڻ جي ??اري ۾ وفد کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٽي ٽي پي حملن لاءِ افغانستان جي ڌرتي استعمال ڪري رهي آهي ۽ کين هر حال ۾ روڪڻو پوندو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي مهمان نوازي ڪئي آهي، غير قانوني طور پرڏيهين جي واپسي مرحليوار شروعات ٿي چڪي آهي. هن واضح ڪيو ته قانوني دستاويز رکندڙ ماڻهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، ويزا ۽ ٻين قانوني دستاويزن بنا ڪنهن کي پاڪستان ۾ رهڻ جي ??جازت نٿا ڏئي سگهون ۽ جلد افغان پناهگيرن جي واپسيءَ جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو. گهرو وزير افغان پناهگيرن جي ??حاليءَ لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي برادريءَ جي ڪردار جي ??رورت تي زور ڀريو. خاص نمائندي افغان پناهگيرن ۽ دوحه ڊائلاگ جي ??وا??ي سان پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته افغان پناهگيرن جي مستقبل بحاليءَ تي افغان حڪومت سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون.