اسلام آباد – 15 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير ش??خ عبدالله زايد النهيان ۽ دبئي جي ولي عهد شيخ حمدان بن راشد المڪتوم کي نائب وزيراعظم ??قرر ٿيڻ تي کين مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ??حمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير ش??خ عبدالله زايد النهيان کي نائب وزيراعظم ??قرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. جڏهن ته وزيراعظم دبئي جي ولي عهد شيخ حمدان بن راشد المڪتوم ??ي امارات جو نائب وزيراعظم ۽ دفاع وارو وزير مقرر ٿيڻ تي پڻ دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم انهن مقررين تي مبارڪباد ڏيندي ٻنهي اڳواڻن جي نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.