اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ غيرفعال ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو سميت معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ڪئي ويندي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي تعليمدان ۽ برطانوي و??ير??عظم جي ڊيليوري يونٽ جي اڳوڻي سربراهه سر مائيڪل باربر جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن و??ير??عظم سان ??لا??ات ڪئي. وفد ۾ برطانوي فارن، ڊيولپمينٽ ۽ ڪامن ويلٿ آفيس جي ڊائريڪٽر جوموئير ۽ سينيئر گورننس ايڊوائيزر نويد عزيز ۽ ميٽ ڪلينسي شامل هئا. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جا تاريخي ٻطرفا لاڳاپا ??هن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته برطانيا پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، اسان برطانوي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو سميت معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان غيرفعال ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته روانگي و??پار ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت سان لاڳاپيل برآمدات جي حوالي سان تمام گهڻي صلاحيت آهي. وفد کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي و??ارتن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي حوالي سان ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪيو ويو آهي. سر مائيڪل باربر حڪومت جي معاشي بحالي جي پلان کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت معاشي سڌارن جي حوالي سان صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته و??ير??عظم شهباز شريف جي موثر قيادت ۾ پاڪستان جلد ئي معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. وفد جي ميمبرن چيو ته برطانيا پاڪستان کي هر شعبي ۾ ڀرپور مدد ۽ تعاون فراهم ڪندو، پاڪستان جي ترقي اسان جي ترقي آهي. ??لا??ات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي و??ير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي و??ير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي و??ير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي و??ير شزه فاطمه خواجه، و??ير??عظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا.