اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف پاڪ بحريه جي اتر عرب سمنڊ ۾ منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ بحريه جا جوان ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت، سامونڊي ڦرلٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي رو??ٿا?? جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم منشيات اسمگلنگ ڪندڙ لانچ کي پڪڙڻ تي پي اين ايس اصلت جي آفيسرن ۽ جوانن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪ بحريه جا جوان ملڪي سامونڊي حدن جي حفاظت، سامونڊي ڦرلٽ ۽ انساني اسمگلنگ جي رو??ٿا?? لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پنهنجي پيارن کان پري گهري سمنڊ ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندڙ پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن کي مون سميت پوري ??وم خراج تحسين پيش ڪري ٿي.