اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر، ڪمانڊر سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو کي نشان پاڪستان (ملٽري) سان نوازيو. ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ٿي. پاڪ فوج جي سربراهه ??نر?? سيد عاصم منير، پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، ٽنهي هٿياربند فوج جي آفيسرن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري اعليٰ ذهانت رکندڙ آفيسر، بهترين انتظامي خوبين، بهادر ۽ پيشيواراڻي طور تي قابل آفيسر هجڻ تي نشان پاڪستان (ملٽري) جو اعزاز عطا ڪيو. اعزاز حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪ فوج جي سربراهه ??نر?? سيد عاصم منير، ترڪي?? هٿياربند فوج جي ڪمانڊر کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته ??نر?? سيلڪوڪ بيراڪتار اوغلو 1993ع ۾ آرمي وار ڪاليج ۽ 1997ع ۾ آرمڊ فورسز ??اليج مان گريجوئيشن ڪئي. هن پنهنجي شاندار فوجي ڪير??ئر دوران مختلف اسٽاف ۽ ڪمانڊ عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنيون. سندس شاندار خدمتن ۽ ڪارنامن جي اعتراف ۾ کيس 2021ع ۾ ??نر?? جي عهدي تي ترقي ڏني وئي ۽ آگسٽ 2023ع ۾ ترڪ لينڊ فورسز جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو.