اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماحوليات جي تحفظ، انساني صحت ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو مثبت ۽ ذميواراڻو استعمال ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان جي تقريب کي ??رچوئل خطاب ڪندي ڪي??. صدر ڊاڪٽرن ۽ فزيشنز تي زور ڏنو ته اهي ميڊيڪل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿيندڙ تيز ترين تبديلين مان فائدو کڻن، تازي دور ۾ ميڊيڪل سائنس وڏي تبديلين م??ن گذري رهي آهي ۽ وقت س??ن گڏ ٽيڪنالاجي جي ترقي سان ميڊيڪل سائنس ۾ تحقيق ڪرڻ گهٽ خرچ ۽ آسان ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ فزيشنز کي بي??ارين جي صحيح تشخيص جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ گهرجي. صدر ان ڳالهه تي پڻ روشني وڌي ته انساني خلين ۽ جينز جي تجزيي سان بي??اريون لڳڻ کان اڳ ئي سڃاڻپ ممڪن ٿي آهي، تنهن ڪري شاگردن کي ??علومات ياد رکڻ بدران ان جو تجزيو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز جي تعليم جي شعبي جي قائم ڪي?? معيار کي ??ثالي قرار ڏنو ۽ چيو ته هن پاڪستان ۾ ڊينٽسٽري جي شعبي جي ترقي جي لاءِ پڻ نمايان قدم کنيا آهن.