اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ٿيڻ کانپوءِ پارلياماني معاملن واري وزارت قو??ي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري نگران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قو??ي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ??ئي ويندي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت پنهنجي ذميوار?? پوري ??ئي آهي، ڪمشنر راولپنڊي جي معاملي تي اعليٰ جاچ ڪميٽي ٺهي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن به ان معاملي تي ڪارروائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ادارن ۽ نظام تي اعتماد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته قانوني عمل هلي رهيو آهي ته انتظار ڪرڻ گهرجي. قو??ي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ قانون تحت جيئن ئي اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جي فهرست جاري ڪندي، پارلياماني معاملن واري وزارت قو??ي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي سمري نگران وزيراعظم ڏانهن موڪليندي ۽ صدر کي قو??ي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جي درخواست ??ئي ويندي.