اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن جي چونڊ نتيجن جي تيزيءَ سان پهچ ??اء?? جديد ٽيڪنالاجي ۽ اوزارن سان ليس ”اليڪ??ن سٽي“ قائم ڪيو آهي، ڪنهن به خرابيءَ جي صورت ۾ متبادل ويب سائٽ به تيار ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ آءِ ٽي ڊائريڪٽر محمد خضر عزيز ميڊيا کي ٻُڌايو ته اليڪشن ڪمي??ن سيڪريٽريٽ اندر جديد ٽيڪنالاجيءَ سان ليس ”اليڪ??ن سٽي“ قائم ڪيو آهي جنهن سان ميڊيا کي 855 تڪن جا نتيجا بنا رڪاوٽ ۽ فوري جاري ڪري سگهبا. هن ٻُڌايو ته واٽس ايپ، اِي ميل ۽ فيڪس ذريعي چونڊ نتيجن جي وصولي جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ن??يجن جي پهچ کي يقيني بنائڻ ??اء?? متبادل ويب سائٽ به ٺاهي آهي. هن ٻُڌايو ته اليڪشن مئنجمينٽ سسٽم انٽرنيٽ جي عدم دستيابيءَ تي ڪم ڪندو، اهو سسٽم اهڙن علائقن جت?? ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا آهن اتي سيٽلائيٽ ڪميونيڪ??ن سان ڳنڍيو ويو آهي. هن ٻُڌايو ته اي ايم ايس ٻن حصن تي ٻَڌل آهي جنهن ۾ شروعاتي طور تي پرزائيڊنگ آفيسر طرفان نتيجا فوٽو ذريعا ورتا ويندا جيڪو فارم 45 ??اء?? آر او کي موڪليو ويندو، جيڪڏهن ڪٿي ڪنڪٽيوٽي جا مسئلا پيدا ٿين ٿا ته اتي ن??يجن جي پهچ آف لائن ماڊيولز ذريعي ٿيندي. سمورن تڪن جي پرزائيڊنگ آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي فارم 45 جي تصوير ٺاهين ۽ ان کي پنهنجي لاڳاپيل آر او کي موڪلين، آر او اهي ن??يجا فارم 47 تي داخل ڪري ميڊيا کي جاري ڪندو. هن چيو ته هر آر او جي آفيس جي ٻاهران نتيجا شيئر ڪرڻ ??اء?? ميڊيا وال به بڻائي وئي آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي اليڪ??ن سٽي ۾ 5 ميڊيا والز بڻايا ويا آهن جت?? قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جا نتيجا مسلسل اپ ڊيٽ ڪيا ويندا.